بيجنگ-05 مارچ (اي پي پي)شنگهائي ۾ مقرر پاڪستا?? جي قونصل جنرل حسين حيدر چي?? جي جدت پسند سفر جي واکاڻ ڪندي ان کي پاڪستان لاءِ متاثر ڪن قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان به ان قسم جي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چائنا اڪنامڪ نيٽ کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران اقتصادي،فني ۽ سماجي ترقي ۾ چي?? جي ڪاميابي?? جي واکاڻ ڪندي چيو ته چي?? جي معيشت جي عالمي سطح تي ترقي ذڪر جوڳي آهي. هن چيو ته چي?? جي جاري 2 اجلاسن يعني نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) ۽ چيني عوام سياسي مشاورتي ڪانفرنس (سي پي پي سي سي) وڏي اهميت واري آهي. جيڪي چي?? جي جمهوري نظام ۽ ا?? جي عوام جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته گذريل 4 سالن کان شنگهائي ۾ قونصل جنرل طور 02 سيشنز جي ڪاررواين کي ويجهڙائي کان ڏٺو آهي. آءِ ايم ايف طرفان هلندڙ سال جنوريءَ ۾ جاري ڪيل ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ ۾ عالمي اقتصادي ترقيءَ جي شرح 3.1 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اميد آهي ته چين 2024ع ۾ عالمي شرح کان اڳيان وڌي ويندو ۽ عالمي اقتصادي ترقيءَ ۾ هڪ وڏو حصيدار رهندو. هن چيو ته سال 24ع لاءِ چين جو جي ڊي پي هدف ا?? جي معاشي مستقبل تي ا?? جي اعتماد ۽ اعليٰ معيار جي ترقيءَ لاءِ سندس عزم کي ظاهر ڪري ٿو. سڄي دنيا تسليم ڪري ٿي ته گذريل 45 سالن ۾ چي?? جي اقتصادي ترقي غير معمولي رهي آهي. پاڪستا??ي قونصل جنرل ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو (بي آر آءِ) جي گڏيل تعمير ۾ چي?? جي اهم شراڪتدار طور ان سهڪار مان فائدو کنيو آهي. سي پيڪ هڪ اهم منصوبو آهي جنهن پاڪستا?? جي بنيادي ڍانچي جي منظرنامي کي نمايان طور تي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. بنيادي ڍانچي کان علاوه ٻين ملڪن سان چين جو سهڪار مختلف شعبن بشمول واپار، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافتي مٽاسٽا تائين وسيع آهي. پاڪستا??ي قونصل جنرل اميد ظاهر ڪئي ته چين اقتصادي ترقي ۽ سماجي ترقيءَ جي پنهنجي يقيني منصوبن سان اڳيان وڌي رهيو آهي. پاڪ- چين دوستي ۽ سهڪار وڌيڪ مضبوط ٿيڻ سان گڏوگڏ مستقبل ٻنهي ملڪن لاءِ اميد ڏياريندڙ نظر اچي رهيو آهي.