اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت بلوچستان جي ??وئتي پيل ڏاکڻين ضلعن لاءِ وڏي ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت انهن ضلعن ۾ بجلي، گئس ۽ رستن جي سهولت جي ??راهمي لاءِ ٽي سالن ۾ 600 ارب روپيا خرچ ڪيا ويندا، انهن ضلعن ۾ نيشنل گرڊ ۽ ٻين ذريعن مان بجلي فراهم ڪئي ويندي، جيڪي ماڻهو مهانگي گئس نٿا خريد ڪري سگهن انهن جي احساس پروگرام تحت مدد ڪنداسين، پيڪيج تحت 16 نون ڊيمن جي تعمير سان هڪ لک 50 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، گلگت بلتستان جي عوام تحريڪ انصاف تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ان علائقي جي ??اءِ به جامع ترقياتي پيڪيج ڏنو ويندو، اندروني سنڌ ترقي جي ??اءِ جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪراچي جي ??اءِ به پيڪيج ڏنو آهي، پي ڊي ايم جو بيانيو ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي، عوام جي ??سئلن تي ڳالهين لاءِ اسان جا دروزا کليل آهن پر اين آر او نه ملندو. اطلاعات ۽ نشريات وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، مواصلات واري وزير مراد سعيد، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته وزيراعظم عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جنهن گذريل ڏينهن تربيت جو دورو ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي ??يزن موجب حڪومت جي ذميداري آهي ته ملڪ ۽ معاشري جي ڪمزور ترين طبقن کي سهارو ڏنو وڃي، هن چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي ڏاکڻين ضلعن جي ترقي جي ??اءِ جيڪو پيڪيج ڏنو آهي ان ۾ اتي جي سڀ کان وڏين ضرورتن جو خيال رکيو ويو آهي، اتي جي ??وجوان آبادي جو وڏو حصو آهن، اتي زراعت به هڪ وڏو ذريعو آهي جنهن جي ??اءِ پاڻي جي ضرورت هوندي ۽ ان جي ??اءِ اتي ڊيم ٺاهڻ هڪ ضرورت آهي، انهن علائقن جي ??جموعي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ترقياتي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهيون.