اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خص??صي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته انشاءَ الله ڪشمير بڻجندو پاڪستان جو نعرو حقيقت جو روپ اختيار ڪندو، وزيراعظم عمران خا?? ڪشميرين جي ترجمان، سفير ۽ وڪيل جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڪشمير کانسواءِ پاڪستان جو وجود اڻ مڪمل آهي. اها ڳالهه هن والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي خلاف ڪاري ڏينهن ??ي موقعي تي نيشنل پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک ه??تالي ڪئمپ کي خطاب ڪندي چئي.