اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظ?? عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، ڪشميرين جي سفير سان گڏ انهن جو ترجمان ۽ وڪيل پڻ بڻجندس، سلامتي ڪائونسل مان ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏياري رهنداسين، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين سان گڏ رهنداسين. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي جابراڻي ۽ غاصباڻي فوجي چڙهائي جي حوالي سان ڪاري ڏينهن موقعي ت?? پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ??زي??اعظم چيو ته اڄ اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن 72 سال اڳ ڀارت پنهنجي فوج ڪشمير ۾ لاٿي، ان وق?? جو ڀارتي ??زي??اعظم جواهر لال نهرو گڏيل قومن ۾ پاڻ اهو مسئلو کڻي ويو، سلامتي ڪائونسل فيصلو ڏنو ته ڪشميري پاڪستان يا ڀارت سان گڏ رهڻ ج?? فيصلو پاڻ ڪن پر ڪشميرين کي اڄ تائين اهو حق نه مليو.