اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڱاري ڏينهن شروع ٿيندڙ پناهگيرن بابت پهرين عالمي فورم (جي آر ايف) ۾ شرڪت ڪندو. سومر ڏينهن وزيراعظم ميڊي?? آفيس طرفان جاري بيان موجب پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) ۽ سوئٽزرلينڊ جي حڪومت جي آر ايف جي گڏيل ميزباني ڪري رهيا ??هن. وزيراعظم عمران خان کي ترڪي جي صدر رجب طي?? اردوان ۽ ڪوسٽاريڪا، ايٿوپيا ۽ جرمني جي اڳواڻن سا?? پناهگيرن جي ڀلائي، ترقي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجي مثالي ڪردار سبب فورم جي گڏيل صدارت جي دع??ت ڏني آهي.