لاهور – 07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت فلمي صنعت ۽ سئنيما کي صنعت جو درجو ڏيڻ جو فيصلو ??يو آهي، فلم کي سينسر ڪرڻ جو اختيار فيڊرل سينسر بورڊ وٽ هوندو، فلمي صنعت ذريعي تهذيب، قدرن ۽ ثقافت کي ا??اگ?? ڪرڻ ترجيح آهي، عوام پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم عمران خان کي پنهنجو مسيحا بڻائي چڪي آهي، نيب آزاد ادارو آهي. فلم انڊسٽري جي وفد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نئين فلم پاليسي جي حوالي س??ن ڌرين سان مشاورت ٿي آهي ۽ نئين فلم پاليسي ۾ ڌرين جي تجويزن کي شامل ??يو ويندو، فلمي صنعت جي بحالي لاءِ حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي.