بيجنگ – 17 مارچ (اي پي پي) پاڪست??ن ۽ چين جي قيادت گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق ڪالهه اڱاري ڏينهن صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ۽ سندس چيني هم منصب شي جن پنگ جي وچ ۾ گريٽ هال بيجنگ ۾ ملاق??ت دوران ڪيو ويو. ڳالهه ٻولهه دوران پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي سمورن رخن کي بحث هيٺ آندو ويو. ان موقعي تي پاڪست??ن ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شع??ن ۾ مفاهمتي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي وارو وزير اسد عمر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. چين جي صدر شي جن پنگ چيو ??ه مشڪل وقت ۾ چين جي دوري تي ٿورائتا آهيون.