اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته هن وقت ??ور??نا وائرس دنيا جي 186 ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي ۽ 2 لک 77 هز??ر کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته سڄي دنيا ۾ ??ور??نا وائرس سبب 11431 فوتگيون ٿيون آهن، 2 لک 77 هز??ر ڪيسن مان 92 هز??ر مڪمل طور تي صحتياب ٿي چڪا آهن. ??ور??نا وائرس سبب صحتيابيءَ جو تناسب 97،98 سيڪڙو آهي. وزيراعظم جي قومي سلامتيءَ بابت صلاحڪار ڊاڪٽر ??عيد يوسف ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضال سان گڏ ميڊيا بريفنگ کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت ??ور??نا وائرس جي شڪي ڪيسن جو انگ 4046 آهي.