اسلام ??باد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آه?? ته حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي حوالي سان موثر عوامي آگاهي مهم کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق ا??واڻ سان ملاقات دوران ڪئي. ڊاڪٽر فردوس عاشق ا??واڻ اطلاعات واري وزارت پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان عوامي آگاهي مهم خاص طور تي رمضان مهيني ۾ حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي حوالي سان عوام کي ترغيب ڏيڻ جي حوالي سا?? جوڙيل حڪمت عملي تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.