اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ 9 مئي کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ ??اءِ اهم اجلاس ٿيو، صوبائي چيف سيڪريٽرين پنهنجي صوبن ۽ علائقن ۾ ڪورونا وائرس (ڪوويڊ 19) جي خاتمي جي گائيڊ لائينز تي عملد??آم?? جي حوالي سان فورم کي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، وفاقي وزير اسد عمر صوبن کي هدايت ڪئي ته ايس او پيز تي عملد??آم?? کي يقيني بڻائي عوام جي صحت ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جيئن وبا جو وڌيڪ ڦهلاءُ روڪي سگهجي، انفرادي ذميواري ئي گڏيل صحت، تحفظ ۽ ڪوويڊ 19 کان بچاءُ جو واحد ذريعو آهي. اين سي او سي موجب اجلاس جي صدارت منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ڪئي.