اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ڪور??نا وائرس جي وبا جي ڪري پي آءِ اي جو هر مهيني خسارو 5 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، بيشڪ مون سميت پوري ڪابينا جو احتساب ڪيو وڃي جڏهن ته انهن ماڻهن جو به احتساب ٿي?? گهرجي جن ٽي ٽي ڀيرا وزيراعظم ۽ 6، 6 ڀيرا وزارتن ۾ رهي هن غريب ملڪ کي نقصان پهچايو، نيب جاچ جي آجيان ڪندس ۽ چاهيان ٿو ته منهنجي 1970ع کان 2020ع تائين سمورن اث??ثن جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ ڪور??نا وائرس وبا جي موجوده صورتحال تي بحث ۾ حصو وٺندي هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته پوري دنيا ڪور??نا وبا جو شڪار آهي ۽ هر ملڪ ۾ ايوي ايشن آپريشن معطل ٿي??. پاڪستان ۾ به اها صورتحال درپيش آئي.