اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس (ڪوويڊ 19) جي تشخيص جي لاءِ سڀ کان وڌي?? 14 ??زار 878 ٽيسٽ ڪرڻ ۽ هيستائين ٽيسٽ جي صلاحيت ۾ 27 ڀيرا وڌيڪ ??ضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٽيسٽ صلاحيت ۾ وڌيڪ ??ضافي جي لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.