اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، حماد اظهر ۽ مراد سعيد چيو آهي ته مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنس ڪوڙ تي ٻڌل آه??، مخالف ڌر پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آه??، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي ڦرلٽ، ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن ۽ ڪاروبار جي ڪ??ي اڄ ملڪ مسئلن ۽ چئلينجز جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آه??، ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال جي ڪ??ي ڪو به نئون ٽيڪس ناهي ??ڳايو ويو، ڇا مخالف ڌر انهي جي ڪ??ي احتجاج ڪري رهي آهي، عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي تي پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، 35 سال حڪومت ڪن??ڙن عوام کي صحت جون ڪهڙيون سهولتون ڏنيون آهن؟ عمران خان جي اچڻ سان ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو آهي، جنهن جو مخالف ڌر کي تمام گهڻو افسوس آه??، ماضي جا حڪمران ڪرپشن سامهون اچڻ تي عوام کي منهن ڏيڻ جي قابل به ناهن رهيا. هو گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪي معاشي چئلينجز سڀني جي سامهون آهن. ان ۾ مخالف ڌر جي اها هرگز ذميواري نه ٿي بڻجي ته اها سڄي ذميواري حڪومت تي وجهي ۽ پاڻ خاموش تماشائي بڻيل رهي ??ر مخالف ڌر جي ذميواري آهي ته اها اهم قومي معاملن تي پنهنجو آئيني حق ادا ڪن??ي معاملا اڪلائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ڪري پر اڄ جي پريس ڪانفرنس ان ڳالهه جي غمازي آهي ته مخالف ڌر ڪجهه نه ٿي ڪ??ڻ چاهي ??و رڳو تماشو ڏسڻ چاهي ??ي. انهن جي هر ڳالهه مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته اهي ??ن ملڪ ۽ ملڪ جي عوام جا خيرخواهه نه آهن. اهي چاهين ٿا ته ڪا اهڙي ڳالهه ٿئي جنهن سان اهي ??يهر اقتدار ۾ اچي سگهن.