اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته حڪومت ايم 8 موٽروي ??ي تع??يراتي ڪم پهرين ترجيح طور تي ڪندي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين چيو ته سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي اڳ ۾ ئي ايم 8 موٽروي ??ي 26 ارب جي لاڳت جي 146 ڪلوميٽر هوشاب آواران حصي جي منظوري ڏئ?? چڪي آهي. ايم 8 موٽروي ??کر لاڙڪاڻي کي گوادر سان ڳنڍيندو جيڪو هن وقت تع??ير هيٺ آهي جڏهن ته گوادر ۽ هوشاب 193 ڪلوميٽر حصي جي تع??ير جو افتتاح فيبروري 2016ع ۾ ڪيو ويو هو. اهو منصوبو سنڌ صوبي ۾ رتوديرو کان شروع ٿئي ٿو ۽ خضدار، آواران، هوشاب ۽ تربت کان ٿيندو بلوچستان صوبي ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ سامونڊي شهر گوادر جي بلڪل اوڀر ۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.