اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ج?? صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 42 هون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري آرڊيننس 2002ع ۾ تجويز ڪيل ترميم جو جائزو ورتو ويو. گڏيل مفاد واري ڪائونسل پيٽروليم واري وزارت کي ذميواري ڏني ته صوبن کي ريگيوليٽري باڊي جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيڻ جي لاءِ موزون مڪينزم جي امڪان ج?? جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ پ??جا?? حڪومت پاران چشما رائٽ بئنڪ ڪينال جي هيٺئين حصي جو ڪنٽرول پاڻي وسيلن واري وزارت کان پ??جا?? حڪومت جي حوالي ڪرڻ جي درخواست جو جائزو ورتو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل تجويز سان اتفاق ڪندي ان حوالي سان ارسا، پ??جا?? حڪومت ۽ خيبرپختونخواهه جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي جيڪا ان ڏس ۾ طريقيڪار ۽ ٻن صوبن ج?? و?? ۾ ??طرفي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيندي. اجلاس ۾ انساني ت??قي ۽ بيسڪ ايجوڪيش ڪميونٽي اسڪولز بابت قومي ڪميشن ج?? مستقبل ۾ ڪردار ۽ ڪم جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان حوالي سان اصولي فيصلو ڪيو ويو ته موجوده انساني ت??قي ۽ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولز بابت قومي ڪميشن، استادن ۽ شاگردن کي وفاقي ت??ليم ۽ پيشيواراڻي ت??بيت واري وزارت کان لاڳاپيل صوبن ۽ علائقن کي منتقل ڪيو وڃي. اهو عمل هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي ت??ليم ۽ پيشيواراڻي ت??بيت واري وزارت کي ان حوالي سان صوبن سان مشاورت سان پلان تيار ڪري گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.