لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وزي?? شبلي فراز ۽ حماد اظهر پڻ موجود هئا. ملاقات دوران سياسي ۽ حڪومتي معاملن سميت ٻين ايشوز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم ع??را?? خان کي پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور پنجاب آب پاڪ اٿارٽي، ڪورونا بحران دوران رليف قدمن ۽ پنجاب جي يونيورسٽين ۾ سڌارن سميت ٻين قدمن بابت ٻڌايو. وزيراعظم ع??را?? خان چيو ته يونيورسٽين ۾ سڌارن جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن ۽ عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ قدمن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سان عوام کي ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين کان بچائي سگهجي ٿو.