اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) قوم 74 هون آزادي جو ڏهاڙو اڄ جمعي ڏي??هن ان عزم سان ملهائيندي ته باباءِ قوم جي فڪر ۽ مصور پاڪستان جي خوابن جي تعبير پاڪستان کي دن??ا جي نقشي تي هڪ باوقار ۽ قائداڻو ڪردار رکندڙ عظيم کان عظيم تر ملڪ بڻائينداسين، ڏي??هن جي شروعات مسجدن ۾ پاڪستان جي استحڪام ۽ ترقي ۽ خ??شح??لي جي لاءِ خاص دعائن سان گڏ ڪيو ويندو. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهر ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. سڄي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن تي روشنيون ٻاريون وينديون، گهرن تي پاڪستان جو سبز هلالي جهنڊا ڦرڪايا ويا آهن ۽ گهٽين ۽ بازارن کي سجايو ويو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ خوبصورت برقي روشنين ڊي چوڪ جي رونق وڌائي ڇڏي آهي. مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿيندي جڏهن ته اهم حڪومتي شخصيتون گلن جون چادر چاڙهينديون. مختلف ادارن ۾ تقريبن ۾ ملي نغما ۽ قيام پاڪستان جي جدوجهد جي حوالي سان خاص روشني وڌي ويندي. اخبارن ۾ خاص ايڊيشن ۽ ٽيليويزن چينلز تي خصوصي نشريات ٿينديون. ان ڏي??هن جي مناسبت سان صدر، وزيراعظم ۽ اهم حڪومتي ۽ سياسي قيادت جا خاص پيغام جاري ٿيندا. ان ڏي??هن ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي روح روان حريت اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني کي نشان پاڪستان ڏنو ويندو. ان کانسواءِ به نمايان خدمتن تي عسڪري ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙن کي ايوارڊ ڏنا ويندا. جمعي جي نماز جي ميڙن ۾ پڻ ملڪ جي سلامتي ۽ خ??شح??لي جي لاءِ خاص دعائون گهريون وينديون. ڪشمير جي آزادي جي لاءِ پڻ خاص دعائون ڪيون وينديون.