اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم بين ??لپارلياماني يونين ??ي صدر گبريلا ڪويس بيرن جي اعزاز ۾ گذريل ڏينهن آجياڻو ڏنو، ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته آءِ پي يو هڪ اهم فورم آهي، آءِ پي يو جي جمهوريت، انساني حقن جي سربلندي ۽ جمهوري قدرن جي فر??غ لاءِ ڪوششون لائق تحسين ??هن، هن چيو ته 130 سال مڪمل ڪرڻ تي آءِ پي يو جي قيادت ۽ ميمبر ملڪن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪستان آءِ پي يو سان تعاون ۽ رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته اسان جا مسئلا گڏيل آهن ۽ حل به گڏجي ڳولڻو آهي.