اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) ??فا??ي ??اب??نا ڪووڊ -19 جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ 61 شين تي ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز جي ڇوٽ ڏيڻ، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قانوني اختيار سونپڻ، ربيع فصل خاص طور تي ڪڻڪ جي لاءِ وزيراعظم امدادي پيڪيج ۽ نيشنل ميڊيڪل اٿارٽي جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ??فا??ي ??اب??نا جو اجلاس منعقد ٿيندو، ??اب??نا کي آگاهه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي ڪا به کوٽ نه آهي ۽ انهن جي قيمتن ۾ ڪو به اضافو نه ٿيندو، وزيراعظم ??اب??نا ميمبرن کي ٻڌايو ته قومي اسيمبلي ميمبرن جي پنهنجي تڪن ۾ مسئلن جي لاءِ هڪ واضح طريقيڪار جوڙيو ويو آ??ي، ان ڏس ۾ وقت سر مسئلا حل نه ڪرڻ تي ضلعي انتظاميه ۽ شڪايت بابت لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ??اب??نا رينه سعيد خان جي چيئرپرسن طور اسلام آباد وائلڊ لائيف مينيجمينٽ بورد مقرر جي منظوري ڏني، ??اب??نا نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ جي چيئرپرسن ۽ ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، ڪميشن ۾ صوبن، اسلام آباد، اقليتن ۽ عورتن جي نمائندگي شامل آهي، ??اب??نا ملڪ جي 19 ضلعن ۾ مقرر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قانوني اختيار سونپڻ جي منظوري ڏني، اهي اختيار ڪووڊ 19 (پريويننش آف اسمگلنگ) آرڊيننس 2020ع جي شق نمبر 8 ٽو تحت ڏنا ويا آهن، اهم سرڪاري ادارن ۽ ڪمپنين ۾ چيف ايگزيڪيٽو جي مقررين جي ط??يقيڪار جي اصولي منظوري ڏني وئي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته مقررين جو عمل مڪمل طور تي شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل هجڻ گهرجي.