ڪراچي – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال جي باوجود مخال?? ڌر پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ عوام کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن بيانيي تي اهي ماڻهو هلي رهيا آهن اهو ملڪ دشمنن جو بيانيو آهي، 13 ڊسمبر جي جلسي سان اسان کي ڪو خطرو نه آهي، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون هڪ صفحي تي نه آهن. نجي ٽي وي چينل سان ڳ??لهائيندي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته مخال?? ڌر وٽ ڪو پلان نه آهي، هي اقتدار کي پنهنجو پيدائشي حق سمجهن ٿا.