اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي امتحان مان نڪرڻ جي لاءِ اسان کي هڪ منظم قوم هجڻ جو ثبوت ڏيڻو پوندو، عالم سڳورا ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ سماجي فاصلو اختيا?? ڪرڻ سميت ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ سمورن حفاظتي تدبيرن تي عملدرآمد جي تلقين ڪن. هن اهڙن خيالن جو ا??هار علامه ساجد نق??ي ۽ مولانا حنيف جالنڌري سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي علامه ساجد نق??ي سان ڳالهائيندي چيو ته رمضان المبارڪ ۽ مجلسن ۾ ڪورونا خاتمي جون تدبيرون اختيا?? ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي وڃي، مجلسن ۾ شرڪت ڪندڙ ماسڪ پائين ۽ محفوظ فاصلو اختيار ڪن، بزرگ ماڻهو عبادتون گهرن ۾ سرانجام ڏين. علامه ساجد نق??ي صدر کي ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ايس او پيز جي پابندي جي خاطري ڪرائي.