اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ??وم سان ڪيل ??نه??جي احتساب جي واعدي تان ڪڏهن پوئتي نه هٽيو، وزيراعظم عمران خان ??انون جي حڪمراني کي قائم ڪيو ??هي?? علي ظفر جي رپورٽ سان جهانگير ترين جي خلاف تحقيقات تي ڪو فرق نه پوندو، ملاقات جي حوالي سان بئريسٽر علي ظفر ۽ بئريسٽر شهزاد اڪبر جي ڳالهه کي اعتبار جوڳي سمجهان ??و. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته کنڊ اسڪين??ل جي حوالي سان جوڙيل ڪميشن ??نه??جون سفارشون پيش ڪيون ۽ انهن سفارشن جي بنياد تي ايف آءِ اي مختلف شوگر ملز جي خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪيون ۽ انهن تي ڪارروائي شروع ٿي وئي، جهانگير ترين سياسي طور تي هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي ان ??اءِ ميڊيا تي ان جو ذڪر ٿيندو آهي ۽ باقي جن جي خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن ان جي حوالي سان اڳڀرائي منظر عام تي نٿي اچي، هن چيو ته بئريسٽر علي ظفر کي رڳو جهانگير ترين گروپ جي طرفان شڪايتن جي حوالي سان جاچ ڪرڻي هئي، بئريسٽر علي ظفر جي رپورٽ جو ايف آءِ اي جي جاچ يا عدالت جي سامهون جهانگير ترين جي ڪيس جي حوالي سان ڪو به تعلق نه ??هي?? اهي سڀ شيون ??نه??جي ??نه??جي جاءِ تي هلي رهيون آهن، بئريسٽر علي ظفر جو ڪم جهانگير ترين گروپ جي شڪايت جي حوالي سان ??عاملن کي ڏسڻو ??هي?? مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان بنا فرق احتساب جي حوالي سان ??ڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي ڪنهن به شخص جو تعلق چاهي حڪومتي پارٽي سان ??جي يا مخالف ڌر سان ??جي، جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف ڪو سوال اٿي ٿو ته انڪوائري به ٿيندي ۽ لاڳاپيل ادارا جاچ به ڪندا ۽ سڀني کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.