اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي رمضان المبارڪ ۾ مسجدن ۾ اجتماع ۽ تراويح نماز بابت سفارشن جي تياري لاءِ سمورن صوبن جي گورنرز ۽ عالم سڳورن جو اجلاس 18 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي. اهو فيصلو ايوان صدر ۾ هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ وفاقي گه??و وزير برگيڊيئر (ر) ا??جا?? ??حم?? شاهه، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير پير ن??رالحق قادري شرڪت ڪئي.