اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي جي حوالي س??ن اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صلاحڪارن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، شهزاد اڪبر، ڊاڪٽر عش??ت حسين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي ميڊيا آ??يس موجب اجلاس ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي صورتحال ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ تجويز ڪيل تجويزن ?? قدمن تي غور ڪيو وي??. وزيراعظم جولاءِ 2020ع ۾ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين طرفان موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي ۾ واضح اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۽ قوم جو سڀ کان وڏو قيمتي اثاثو آهن، هن چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي حوالي س??ن ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.