اسلام آب??د – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز حڪ??مت ??ي ٻن سالن جي ڪارڪردگي مهم ۾ شريڪ ڪابينا ميمبرن ۽ ان پيغام ۾ عوام تائين پهچائيندڙ اطلاعات واري وزارت ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ٿ??ري جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي جدوجهد جاري رهندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته حڪ??مت ??ي ٻه سالا ڪارڪردگي اجاگر ڪرڻ جي مهم جو حصو بڻجندڙ ڪابينا جي ميمبرن جو دل جي گهراين سان ٿ??رائتو آهيان، اطلاعات واري وزير چيو ته حڪ??متي ڪارڪردگي جو پيغام عوام تائين پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي اطلاعات واري وزارت ۽ ميڊيا جو به ٿورو ادا ڪريان ٿ??.