اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته افغان امن عمل ۽ ڳالهين کي نه رڳو پاڪستان جي حڪومت پر عالمي برادري به ساراهيو آهي، ان عمل کي انتهائي احتياط ??ان پڄاڻي تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي، تاريخ جو سبق اسان کي اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي غلطين کي صحيح ڪرڻ جو سبق ڏيندو آهي، پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي گڏجي بحر عرب کي وچ ايشيائي رياس??ن کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري، ان سان ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيندو، هو پاڪ افغان وا??ار ۽ سيڙپڪاري جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ٻن ڏينهن جي فورم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.