ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قبضا گروپن جي خلاف ڪارروائي تي پنجاب حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پنجاب جي ??ڏي وزير قبضا ختم ڪرائي جهاد ڪيو آهي، قانون جي بالادستي سان خوشحالي ايندي آهي، وڏن وڏن ڌاڙيلن تي هٿ وجهڻ تبديلي آهي، هاڻي ڪو به وڏو ڌاڙيل ??هو نه ٿو چئي سگهي ته اين آر او ڏيو نه ته حڪومت ڪيرائي ڇڏيندس، سڄي پنجاب جي عوام کي هيلٿ ۽ انشورنس جي سهولت ڏني ويندي، صحت کانسواءِ تعليم جي سرڪاري شعبي کي پڻ بهتر بڻايو ويندو، هلندڙ سال بلدياتي چونڊون ٿينديون جنهن سان مقامي سطح تي مسئلا حل ٿيندا، ساهيوال ۾ انڊسٽريل ??سٽيٽ ٺاهي ويندي، مقامي طور تي تيار ڪيل ??يوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس هنيا ويندا، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ??تعارف ڪرائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان پنجاب جي ??ڏي وزير عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم کي قبضا گروپن جي خلاف ڪارروائي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته جهڙي طرح هن قبضا گروپ جا محل ڪيرايا آهن ان تي هو مبارڪباد جو مستحق آهي، قبضا گروپ هڪ لعنت آهي جيڪي غ??يبن ?? ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي زمينن تي قبضو ڪن ٿا ۽ انهن کي انهن جي ??حنت جي ڪمائي کان محروم ڪن ٿا، ماڻهو قبضا گروپن جي اڳ??ان بيوس هوندا هئا.