اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪينيڊا ج?? صوبي اونٽاريو جي ??لا??قي لنڊن ۾ پاڪستاني ڄائي مسلمان ڪينڊين خاندان جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ان واقع?? سان اولهندي ملڪن ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا جي خبر پوي ٿي، ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم پاڪستاني ڄاول ڪينڊين مسلمان خاندان جي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي جو اهو قابل مذمت قدم اولهندي ملڪن ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا کي ظاهر ڪري ٿو، هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته هو اسلاموفوبيا کي روڪڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي.