اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽن ڏينهن جي دوري تي استنبول پهچي وي?? آهي. استنبول جي گورنر علي يرلڪايا، اع??يٰ ترڪ عملدارن ۽ ترڪي ۾ پاڪستان ??ي سفير سائرس قاضي اتاترڪ ايئرپورٽ تي صدر جو استقبال ڪيو.
صدر جي آمد تي ترڪ هٿياربند فوج جي دستي پاران کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. صدر ترڪ صدر رجب طيب اردوان ??ي دعوت تي 14 کان 16 آگسٽ تائين ترڪي جو دورو ڪري رهي?? آهي. پنهنجي قيام دوران ??در ترڪي جي صدر سان ملاقات ڪندو.
ٻئي صدر پ??ڪستان نيوي لاءِ ترڪي پاران ??يار ڪيل پهرئين ملجم ڪلاس ڪوريٽ جو افتتاح به ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي فروغ لاءِ صدر مشهور ترڪ واپارين سان ملاقاتون به ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا قائم آهن ۽ صدر جو ترڪي جو دورو ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.