اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي کي خطاب ۾ ڪشمير مسئلي، افغانستان جي صورتحال، غريب ملڪن مان ڦريل دولت ۽ ماحوليات بابت تفصيلي ۽ دليلن تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم دنيا آڏو ڀارت جو فاشسٽ چهرو بي نقاب ڪيو. گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي کي وزيراعظم جي ورچوئل خطاب کي ساراهيندي ??نه??جي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم جي خطاب جا چار بنيادي موضوع هئا، وزيراعظم انهن چئن موضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان دنيا آڏو ڀارت جو فاشسٽ چهرو بي نقاب ڪيو. وزيراعظم دنيا کي باور ڪرايو ته ڪهڙي طرح ڀارت ۾ آر ايس ايس نظريي ي مودي جي فاشسٽ حڪومت اقليتن جو قتلام ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ??نه??جي خطاب ۾ نه رڳو پاڪستان، خطي پر عالمي دنيا کي درپيش چئلينجز جو بهتري?? احاطو ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم دنيا کي ٻڌايو ته افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته اهو خطي ۽ پوري دنيا جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو. هن چيو ته وزيراعظم ??نه??جي خطاب ۾ غريب ملڪن مان ڦريل دولت امير ملڪن کي منتقل ڪرڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي ضر??رت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم باور ڪرايو ته غريب ملڪن مان ڦريل دولت امير ملڪن کي منتقل ٿيڻ سان امير ملڪن جي خلاف نفرت پيدا ٿي رهي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم موسمياتي تبديلي سان هن زمين کي لاحق خطرن جي لاءِ ??نه??جي عالمي ذميوارين جي ڏس ۾ کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم ??نه??جي خطاب ۾ پاڪستان حڪومت پاران 10 بلين ٽري سونامي ذريعي پاڪستان ۾ ٻيهر ٻيلا پوکڻ، قومي ماحول کي تحفظ ڏيڻ، شهرن ۾ آلودگي جي خاتمي جي لاءِ قدمن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چئني موضوعن تي تمام تفصيلي ۽ جاندار دليلن سان ??نه??جو موقف پيش ڪيو، پوري قوم وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪري ٿي ۽ پورو پاڪستان عمران خان جي پٺيان شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي.