لاهور – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ جو ??ڏو وزير ٽاڪ ۽ ڪيٽ واڪ ڇڏي سنڌ جي عوام کي منافعي خورن ۽ ٽينڪر مافيا کان ڇوٽڪارو ڏياري، وزيراعظم عمران خان مهانگائي ۽ منافعي خوري تي انتظاميه کي فوري ايڪشن کڻڻ لاءِ هدايتون ڏنيون آهن، پنجاب ۾ هاڻي به ڪڻڪ جو 20 ڪلو جو ٿي??هو 1100 روپين ۾ ملي رهيو آهي، پي ڊي ايم مريم جي ڌار ۽ شهباز جي ڌار آهي، پهرين اهو فيصلو ڪري وٺن ته صدر ??ڏو آهي يا نائب صدر؟.
هو لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار حسان خاور سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و ته وزيراعظم عمران خان لاهور دوري جي دوران پنجاب جي وڏي وزير ۽ گورنر سان ملاقات ڪيون، وزيراعظم عمران خان جي صدات ۾ قيمتن جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿي??، وزيراعظم مارڪيٽ ڪميٽين، غله منڊين ۾ انتظاميه کي ٻولي جي مانيٽرنگ جي هدايت ڏيندي چ??و ته منافعي خورن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪنهن قسم جي غفلت برداشت نه ٿي??دي. هن چ??و ته پنجاب حڪومت سرڪاري ڪڻڪ رليز ڪري ڇڏي آهي، 1100 روپين ۾ 20 ڪلو اٽو ملي رهيو آهي، ڪمند جو فصل 25 سيڪڙو اضافي آهي، کنڊ وڏي مقدار ۾ هوندي ۽ اگهه گهٽ هوندا، امپورٽڊ کنڊ اچڻ سان به کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي. هن چ??و ته اسان فوڊ سپورٽ پروگرام کڻي آيا آهيون، پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ 12 ملين کان وڌيڪ خاندانن کي روز مره کاڌي پيتي جي شين تي سبسڊي ڏيڻ وڃي رهيا آهيون.
هن چ??و ته وزيراعظم هيلٿ ڪارڊز جو به جائزو ورتو آهي، ڊسمبر جي آخر تائين سڄي پنجاب جي سمورن خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ ڏيڻ وڃي رهيا آهيون، پنجاب جي وڏي وزير صوبائي بجيٽ ۾ 60 ارب روپيا رکيا آهن، هاڻي انشاءُ الله علاج سڀني ميسر ايندو. رياست پاڻ اڳتي اچي رهي آهي، ڪي پي ڪي جي سموري آبادي کي هليٿ ڪارڊ ملي چڪو آهي، هڪ مشهور رسالي ڪي پي ڪي ۾ هليٿ ڪارڊ جي واکاڻ ڪئي آهي. هن چ??و ته گڏيل قومن جي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر جي رپورٽ موجب مهانگائي جو گذريل 50 سالن جو رڪارڊ ٽٽي چڪو آهي، جرمني، چين، آمريڪا سميت پوري دنيا ۾ مهانگائي آهي. تيل جي قيمتن ۾100 سيڪڙو اضافو ٿي?? آهي، هن چ??و ته حڪومت پنهنجي ٽيڪسز ۾ سراسري گهٽتائي ڪئي آهي، بار حڪومت پاڻ برداشت ڪري رهي آهي، خطي ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ پيٽروليم ۽ کاڌي جي تيل جون قيمتون گهٽ آهن، اسان جي ٽيم گيهي انڊسٽري سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي، گيهي ۽ آئل تي 45 روپين تائين جو ٽيڪس گهٽ ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ان جو فائدو عوام کي پهچندو، هن چ??و ته مهانگائي جون ڳالهيون ڪندڙن ماضي ۾ زراعت، خوراڪ تي ڌيان نه ڏنو، نواز شريف ۽ زرداري جعلي اڪائونٽس، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن ۾ مصروف رهيا، هن چ??و ته ڪمند جي پيداوار ۾ 25 سيڪڙو، ڪپهه 60 سيڪڙو، چانور 18 سيڪڙو، مڪئي جي پيداوار ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿي?? آهي، اسان جو روانگي واپار گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 31 ارب ڊالر ۽ مٽاسٽا جو ناڻو 12.5 سيڪڙو وڌيو آهي، لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ ساڍا 12 ارب سيڪڙو اضافو، ٽيڪس جي وصولي 1395 ارب ٿي آهي، ٽيڪسٽائيل ايڪسپور?? ۾ 28 سيڪڙو اضافو ٿي?? آهي. اسان جي گروٿ پيداوار جي بنياد تي آهي، ماضي ۾ گروٿ ڪريڊٽ ڪارڊ تي ٻڌل آهي،
هن چ??و ته ڪورونا دوران عوام جي لاءِ هڪ پيڪيج کڻي آياسين، مخ??لف ڌر ڪهڙي ڳالهه تي احتجاج ڪري رهي آهي، اهو سياسي بيروزگارن جو ٽولو آهي، پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي ته بجلي، گئس، اٽي جي بحران جي باوجود ن ليگ ۽ فضل الرحمان ڪو احتجاج نه ڪيو، مخ??لف ڌر پنهنجو احتجاج جو شوق پورو ڪري وٺي، کين ڪجهه نه ملڻ وارو آهي، پي ڊي ايم ڪرپشن ۽ لُٽ مار جو ريلو آهي، عوام کي ان سان ڪو به سروڪار نه آهي، هن چ??و ته مريم شهباز ۽ شهباز مريم جي خلاف تحريڪ پهرين منطقي انجام تائين پهچائين ته جيئن خبر پوي ته صدر ??ڏو آهي يا نائب صدر وڏي آهي. حڪومت ڏکين حالتن جي باوجود عوام رليف فراهم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. دنيا ۾ ڪووڊ جي ڪري جي ڊي پي گهٽ ٿي پر پاڪستان ۾ صنعتون روان دوان رهيون. پيپلزپارٽي 13 سان کان سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي پر سنڌ جي عوام کي سڀني کان مهانگي ڪڻڪ ۽ اٽو ملي رهيو آهي، بجلي جا مهانگا معاهدا ترقي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهن.
هن چ??و ته 14 ارب جي ڪڻڪ چوري ٿي ته چيو و??و ته ڪوئا کائي ويا، بلاول هائوس جي ڪوئن کان آجي ڪرائي ڪڻڪ سنڌ جي عوام کي ڏيو، هن چ??و ته انتظامي قدمن جي ڪري فصلن جي پيداوار ۾ بهتري نظر اچي رهي آهي، 22 ڪروڙ ايڪڙ موجود آهي، 5 ڪروڙ زمين پوکي لائق آهي، باقي زمين جي پوکي جوڳي بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، هن چ??و ته پاڪستان کي غذا ۾ پاڻڀرو ڪرڻ ملڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، آبادي ۾ اضافي موجب اسان سموريون ڪوششون ڪري رهيا آهيون، هن چ??و ته اسان جون اتحادي پارٽيون اسان سان گڏ هلي رهيون آهن، اتحاد کي ڪو به خطرو نه آهي.