اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معاشي ٽي?? کي هدايت ڪئي آهي ته عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، معاشي ترق?? جي لاءِ اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن اکرن جي استحڪام تي ڀرپور ڌيان آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، توانائي واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خ??رو بختيار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر امام، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظ?? کي معاشي ٽيم پاران عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگائي ۽ وڌندڙ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي بريفنگ ني ??ئي جڏهن ته کيس ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني ??ئي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته حڪومت ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مثالي قدم کنيا، ڪورونا وائرس جي وبا ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ کاڌي پيت?? جي شين ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ انتهائي تيزي سان اضاف?? جي باوجود حڪومت قيمتن کي گهٽ رکڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي ترق?? جي لاءِ اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن اکرن جي استحڪام تي ڀرپور ڌيان ڏنل آهي. هن معاشي ٽي?? کي هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.