اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪ??لع??م تحريڪ طالبان پاڪستان سان پاڪستان جي آئ??ن تحت ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي، هڪ معاهدي تحت پ??ڪستان حڪومت ۽ ڪ??لع??م تحريڪ طالبان پاڪستان مڪمل سيز فائر تي راضي ٿي چڪا آه??، ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت، ملڪي سلامتي، لاڳاپيل علائقن جي امن، معاشرتي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکيو ويندو، افغان اٿارٽيز انهن ڳالهين ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو آهي. اها ڳالهه هن تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين جي حوالي سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان پهرين آڪٽوبر 2021ع تي پنهنجي انٽرويو ۾ ڪ??لع??م تحريڪ طالبان پاڪستان ڳالهين جو ذڪر ڪيو هو، انهن ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي. هن چيو ته ڪ??لع??م تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهيون آئ??ن ۽ قانون تحت ٿينديون، ڪا به حڪومت پ??ڪستان جي آئ??ن ۽ قانون کان ٻاهر ڳالهيون ڪري ئي نه ٿي سگهي. هن چيو ته انهن ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت، ملڪي سلامتي، لاڳاپيل علائقن جي امن، معاشرتي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڳالهين ۾ انهن علائقن جي متاثر ماڻهن کي قطعي طور تي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، انهن علائقن جي ماڻهن کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي. هن چيو ته ڳالهين جي اڳڀرائي کي سامهون رکندي سيز فائر ۾ توسيع ٿيندي ويندي، انهن ڳالهين ۾ افغانستان جي اٿارٽيز (عبوري حڪومت) سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن يچو ته اها ڳالهه خوش آئ??ده آهي ته پاڪستان جا اهي علائقا هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ مڪل امن طرف وڌي رهيا آهن.