اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته شهرن جي ترقي لاءِ اهڙي ڊگهي مدي و??ري منصوبابندي جي ضرورت آهي جنهن جي نتيجي ۾ شهرن جو انتظام ۽ انصرام عوام کي بهتر ??دمتون فراهم ڪري سگهي ۽ ا??ڳا??يون به ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ لاهور شهر ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ رستن جي تعمير جي منصوبن جي حوالي سان منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ??ه لاهور شهر مان تمام گهڻي ا??ڳا??ي گڏ ٿي سگهي ٿي. هن ان سلسلي ۾ شهر جي اهم زمينن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪي هن وقت استعمال ۾ نه آهن ۽ بيڪار پيل آهن. وزيراعظم چيو ??ه شهر انهن اهم جاين کي عوامي مفاد جي منصوبن لاءِ استعمال ۾ آڻ?? نه رڳو انهن زمينن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو پر ان سان حڪومت ڪافي ا??ڳا??يون به حاصل ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم تجويز ڏني ته لاهور ۾ شهري منصوبن کي سرڪ??ري ۽ جي شعبي جي حصيد??ري سان راوي اربن ڊيولپمينٽ ۽ سينٽرل ڊسٽرڪٽ منصوبن جي طرز تي هلايو وڃي. اجلاس کي پنجاب حڪومت جي گلبرگ ۾ بوليورڊ ايم ٽو موٽروي ايليويٽيڊ ايڪسپريس وي منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ??ه ايليويٽيڊ ايڪسپريس وي لاهور جي شهرين ۽ مسافرن کي شرقي ۽ غربي روٽ فراهم ڪندو ۽ ان سان موجوده رستن تي ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ايندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ??ه پنجاب حڪومت ان کان اڳ ان منصوبي لاءِ 5 ارب رپيا خرچ ڪيا جڏهن ته منصوبي جي ڪل لاڳت جو ڪاٿو 61 ارب رپيا لڳايو ويو ??هي ۽ هو 15 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو. ان منصوبي سان سفر جو وقت 30 منٽ گهٽ ٿيندو ۽ روزانو 73 هزار گاڏيون اهو روٽ استعمال ڪنديون. اجلاس ۾ ناڻي و??ري وفاقي وزير شوڪت رين، تعليم و??ري وفاقي وزير شفقت محمود، منصوبابندي ۽ ترقي و??ري وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل شرڪت ڪي جڏهن ته پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جا صوبائي وزير ۽ سينيئر عملدار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.