اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت اه??ن منص??بن کي ترجيح ڏني آهي جن سان بلوچستان جي عوام جي زندگين تي بهتر اثر پئجي سگهن ٿا، صوبي ۾ انفراسٽرڪچر، زراعت، ماهيگيري، توانائي سميت مختلف شعبن جي ترقي ۽ احساس پروگرام تحت بنيادي ضرورت جي شين تي سبسڊي تي ترتيبوار ڪم تيز ٿي رهيو آهي، صنعت سازي ۽ پروسيسنگ پلانٽس جو قيام بلوچستان جي عام عوام جي اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم ثابت ٿيندو، مقامي ماهگيرن کي ٽرالرز جي غيرقانوني سرگرمين کان بچائڻ کي يقيني بڻايو ??يو ??ڃي. اه??ن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ بلوچستان جي ترقياتي منص??بن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ گورننس جي ڍانچي، سرڪاري منصوبن، ماهگيري جي ش??بي، ڪمانڊ ايريا جي ترقي، زرعي ش??بي ۽ نرسنگ ڪاليجز قائم ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ روڊ نيٽ ورڪ، توانائي جي ش??بن جي منص??بن ۽ ميري ٽائيم افيئرز، آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪام سيڪٽر کانسواءِ گوادر جي ترقي ۽ صنعت ۽ پيداوار جي منص??بن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ??يو ته 161 منص??بن مان 59 منصوبا هلندڙ مالي سال ۾ مڪمل ڪيا ويندا، ان سلسلي ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مانيٽرنگ ۽ گورننس کي بهتر بڻايو ??يو ??ڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته منص??بن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو ??ڃي. ان کانسواءِ هڪ مستقل ڍانچو جوڙيو ??يندو ته جيئن بلوچستان جي محروم علائقن جي پائيدار بنيادن تي ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. رستن جي تعمير جي حوالي سان اجلاس ۾ ٻڌايو ??يو ته صوبي ۾ بهتر ڪنيڪٽيويٽي جي لاءِ 3788 ڪلوميٽر رستن جي تعمير ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ ڪم تيزي سان جاري آهي. ان کانسواءِ ڪراچي – ڪوئيٽا – چمن 796 ڪلوميٽر رستي جي تعمير جو مصنوبو پڻ عمل هيٺ آهي ۽ ان تي تمام جلد ڪم شروع ٿي ويندو. ماهگيري جي ش??بي جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته ٽرالرز جي ذريعي غيرقانوني شڪار جي حوالي سان مقامي ماهيگيرن جي خدشن کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيو ??يو ??ڃي ۽ لاڳاپيل ادارن پاران پيٽرولنگ کي وڌايو ??يو ??ڃي، ان سان مڇين جي غيرقانوني شڪار جي روڪٿام ٿيندي ۽ ماهيگيري جو تحفظ پڻ ممڪن ٿيندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ??يو ته ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت ڪامياب جوان پروگرام جي حصيداري سان مقامي ماهگيرن کي قرض ڏئي رهي آهي جنهن جي ذريعي اهي پنهنجي صلاحيتن ۽ ٻيڙين کي بهتر بڻائي سگهندا ۽ ٻيڙين ۾ مانيٽرنگ سسٽم کي هڻڻ پڻ ممڪن ٿي سگهندو. ڪمانڊ ايريا ڊيولپمينٽ جي حوالي سان اجلاس ۾ ٻڌايو ??يو ته صوبي م زرعي ش??بي جي ترقي ۽ پاڻي وسيلن جي بهتر مئنيجمينٽ جي لاءِ ڪمانڊ ايريا ڊيولپمينٽ منص??بن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو ??يو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ??يو ته ڪڇي ڪينال منصوبو مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي. ان کانسواءِ جانورن کي منه کڙ جي بيماري کان بچاءُ جي لاءِ منصوبي تي پڻ ڪم جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن گوشت جي برآمد کي وڌائي سگهجي، ان سان نه رڳو قيمتي مٽاسٽا ناڻو حاصل ٿيندو پر روزگار جا موقعا پن پيدا ٿيندا. توانائي ۽ پيٽروليم جي منص??بن تي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس ۾ ٻڌايو ??يو ته 3 هزار سولر پينلز ورهائڻ جو عمل جلد شروع ٿي وندو. ان کانسواءِ ايل پي جي تي سبسڊي جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي جنهن سان مقامي آبادي جي توانائي جون ضرورتون پوريون ٿي سگهنديون. ميري ٽائيم افيئرز جي وزارت اجلاس ۾ ايل اين جي ورچوئل پائيپ لائين جي درآمد تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ لائيسنس ڏنا پيا وڃن جنهن سان صوبي خاص طور تي گوادر ۾ گئس جي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. آءِ ٽي جي ش??بي ۽ فاصلاتي تعليم جي حوالي سان اجلاس ۾ ٻڌايو ??يو ته 6372 مقامي نوجوانن کي تربيت ڏني وئي آهي جنهن سان اهي پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿي سگهندا. ان کانسواءِ 35 هزار نوجوانن کي فري لانسنگ ۽ ٻيا فني ڪورسز ڪرايا ويندا. اجلاس ۾ ٻڌايو ??يو ته تربت ايئرپورٽ جي ترقي جو منصوبو بڊنگ جي مرحلي ۾ آهي ۽ تربت، گوادر ۽ ڪوئيٽا جي وچ ۾ اڏامن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس کي تربت ۾ کجور جي پروسيسنگ پلانٽس، چاغي، خضدار، لسٻيلا ۽ گوادر جي علائقن ۾ گوشت جي پروسيسنگ پلانٽس ۽ ميٽل پارڪ تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ??يو. اجلاس ۾ ٻڌايو ??يو ته حڪومت خضدار ۽ صوبي جي ٻين علائقن ۾ نجي ش??بي جي حصيداري سان زيتون جي تيل جي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي. ٻئي طرف گوادر ۾ ٻيڙين جي صن??ت قائم ڪرڻ جو منصوبو پڻ غور هيـٺ آهي، ان منصوبي جو مقصد مقامي ماهيگيرن جي ٻيڙين کي جديد بڻائڻ آهي. اجلاس ۾ گوادر ۾ 1.2 ملين گيلن پاڻي جو پلانٽ قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو ??يو، اهو منصوبو هلندڙ سال گرمين کان اڳ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي انهن منص??بن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪن خاص طور تي اه??ن منص??بن جن جو عام ماڻهو جي زندگي سان تعلق آهي انهن کي ترجيح ڏني وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزي اسد عمر، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي کانسواءِ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، سي پيڪ معاملن بابت وزيراعظم جي خاص معاون خالد منصور ۽ لاڳاپيل سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.