اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??شين فيڊريشن جي صدر ولادي مير پيوٽن جي دعوت تي سڀاڻي اربع ڏينهن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روس روانو ٿيندو. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا ميمبرن سميت اعليٰ س??ح جو وفد پڻ گڏ ه??ندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم عمران ??ان ??وس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل احترام، اعتماد ۽ عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي هڪ جهڙن نظرين جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ ملاقات دوران ??وانائي جي شعبي ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو. ٻئي اڳواڻ اسلامو فوبيا ۽ افغانستان ??ي صورتحال سميت اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي آفيس موجب وزيراعظم عمران ??ان ??و دورو پاڪستان ۽ روس جي گهڻ رخي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ?? مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.