اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ريلوي، سيڪيورٽي، ترجيحي واپاري معاهدي، موسمياتي تبديلي سميت 8 مفاهمت جي ياداشتن تي صحي??ون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف پڻ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن جي موقعي تي موجود هئا. پاڪستان ازبڪستان ايم او يوز جي حوالي سان جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي موجب ازبڪستان جي قومي ٽيليويزن ۽ ريڊيو ڪمپني ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٽيليويزن ۽ ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي ۾ تعاون جي ل??ءِ مفاهمت جي ياداشت تي پاڪستان پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جڏهن ته ازبڪستان جي ثقافت واري وزير اوزود بيڪ نيزابيڪ??ف صحي??ون ڪيون. ازبڪستان جي سياحت ۽ اسپورٽس واري وزارت ۽ پاڪستان جي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي وچ ۾ مذهبي زيارتن جي سياحت جي فروغ ل??ءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحي??ون ڪيون ويون. پاڪستان پاران مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري جڏهن ته ازبڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وزير عبدالعزيز ڪاميل??ف صحي??ون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت تي پاڪستان پاران وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ۽ ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي واپار واري وزير سردار عمر زاڪ??ف صحي??ون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدي تي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود پاڪستان جڏهن ته سردار عمر زاڪوف ازبڪستان پاران صحي??ون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ روڊ ميپ تي پڻ صحي??ون ڪيون ويون. پاڪستا پاران قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف جڏهن ته ازبڪستان جي سلامتي ڪائونسل واري سيڪريٽري ويڪٽر مخمود??ف صحي??ون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ريلوي واري وزارت ۽ ازبڪستان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت جي وچ ۾ پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صحي??ون ٿيون. پاڪستان پاران پاڪستان ريلويز جي سيڪريٽري ۽ چيئرمين حبيب الرحمان گيلاني جڏهن ته ازبڪستان پاران ٽرانسپورٽ واري وزير الخوم مخڪام??ف صحي??ون ڪيون. تاشقند سٽي ۽ اسلام آباد سٽي جي انتظاميا جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحي??ون ڪيون ويون. پاڪستان پاران ايڊمنسٽريٽر ايم سي آئي حمزه شفقات جڏهن ته پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير اوبڪ عثمان??ف صحي??ون ڪيون. ان کانسو??ءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ازبڪستان جي علائقي سرخندريه ۽ پاڪستان جي خيبرپختونخواهه صوبي جي وچ ۾ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت تي صحي??ون ڪيون ويون. پاڪستان پاران خيبرپختونخواهه جي صنعت واري سيڪريٽري ذوالفقار علي شاهه جڏهن ته ازبڪستان پاران پاڪستان ۾ ازبڪ سفير اوبڪ عثمان??ف صحي??ون ڪيون.