اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عمران خ??ن کي اوورسيز پاڪستاني عزيز آهن، انهي لاءِ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏياريو، 30 ارب ڊالر جي مٽاسٽا جو ??اڻو پاڪستان اچي رهيو آهي، ايندڙ سال اهو 35 ارب ڊالر کان به وڌي ويندو، زرداري، بلاول، مريم صفدر کي دعوت آهي ته اهي اچن ڏسن ڪنوينشن ۾ فارن فنڊنگ وارا ويٺل آهن، جيڪو کڏو پي ٽي آءِ جي لاءِ کوٽيو ويو ان ۾ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي پاڻ ڪرندي. اهڙن خيالن جو اظ??ار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ٽن ڏينهن واري اوورسيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. فرخ حبيب چي?? ته اوورسيز ڪنوينشن ۾ فارن فنڊنگ وارا ويٺل آهن. فرخ حبيب چي?? ته اسان ان ليڊر سان گڏ قدم سان ملائي بيٺل آهيون جنهن تي اسان پنهنجو سينو ويڪرو ڪري فخر سان ڳالهه ڪري سگهون ٿا ته عمران خ??ن ۽ انهن ۾ فرق آهي. مملڪتي وزير چي?? ته عمران خ??ن 40 سالا ڪمائي ٻاهرئين ملڪ مان ڪرڪيٽ ۾ ڪئي ۽ عمران خ??ن جي ڊپ کان ڦورن جو گلدستو توهان کي نظر اچي رهيو آهي. مملڪتي وزير چي?? ته اڳوڻن حڪمرانن کي مني لانڊرنگ، ملڪيتون ٺاهڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ علاج، ڦرلٽ ڪري مفروري پسند آهي جڏهن ته عمران خ??ن کي اوورسيز پاڪستاني عزيز هئا، ان لاءِ عمران خ??ن اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏياريو. هن چي?? ته 30 ارب ڊالر جو ??ٽاسٽا جو ??اڻو پاڪستان اچي رهيو آهي، ايندڙ سال اهو 35 ارب ڊالر کان به وڌي ويندو جنهن سان پاڪستان جي معيشت وڌيڪ بهتر ٿيندي. فرخ حبيب چي?? ته سپريم ڪورٽ مان صادق امين عمران خ??ن ٿئي ٿو، 40 سالا رڪارڊ پيش ڪري ٿو. مملڪتي وزير چي?? ته اوورسيز جي لاءِ پاور آف اٽارني، وراثتي سرٽيفڪيٽ ۾ آساني پيدا ڪئي وئي، سائي پاسپورٽ جي عزت جو سبب اهو آهي ته عمران خ??ن جي دل ۾ حب الوطني جو جذبو آهي، جڏهن کان عمران خ??ن اقتدار ۾ آيو آهي اوورسيز پاڪستانين کي وڌيڪ عزت سان ڏٺو پيو وڃي. فرخ حبيب چي?? ته پاڪستان معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهڻ وڃي رهيو آهي، گڏيل قومن جو ??ورم هجي يا ڪو به عالمي فورم هجي اتي اسلامو فوبيا درپيش هئي. مملڪتي وزير چي?? ته اهي ڪرپٽ ماڻهو ايبسليوٽلي ناٽ نه ٿا چئي سگهن ڇ?? ته انهن جا مفاد آڏو اچن ٿا. فرخ حبيب چي?? ته عمران خ??ن امن جو خواهشمند اهي، ان کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، اسان ڪنهن کي ناراض نه ٿا ڪرڻ چاهيون، پنهنجي لاڳاپا بهتر چاهيون ٿا. فرخ حبيب چي?? ته عمران خ??ن آزاداڻي پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو آهي، ان کي پرچين جي ضرورت نه آهي. مملڪتي وزير چي?? ته مخالف ڌر جيتري مرضي بي اعتمادي رٿ کڻي اچي، عمران خ??ن تي اعتماد پلس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ماضي ۾ هتي ڊرون حملن جي اجازت پنهنجي صحيحن سان ڏني ويندي رهي، هاڻي اهو دور هلي ويو آهي. مملڪتي وزير چي?? ته عمران خ??ن پاڪستانين جي عزت ۽ تڪريم جي لاءِ هر حد تائين وڃن لاءِ تيار آهي. فرخ حبيب چي?? ته پي ٽي آءِ پهريون ڀيرو پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ جو ڪانسپٽ متعارف ڪرايو آهي، ماضي ۾ 20، 20 ڪروڙ وٺي وز??رتون ۽ عهدا وڪرو ڪيا ويندا رهيا. فرخ حبيب چي?? ته اليڪشن ڪميشن اسڪروٽني ڪميٽي کي فوري طور فعال ڪري ته جيئن (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي فارن اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ٿي سگهي. مملڪتي وزير چي?? ته بلاول ۽ مريم کي چئلينج آهي ته پنهنجي 100 ڊونرز جو رڪارڊ پيش نه ٿا ڪري سگهن. هن چي?? ته جيڪو کڏو پي ٽي آءِ لاءِ کوٽيو ويو ان ۾ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي پاڻ ڪرندي. مملڪتي وزير چي?? ته عمران خ??ن نظريي، همت، جرئت جو ??الو آهي جيڪو نه جُهڪي ٿو ۽ نه قوم کي جهُڪڻ ڏيندو. فرخ حبيب چي?? ته وزيراعظم عمران خ??ن جي صحت انصاف ڪارڊ، گهٽ آمدني هائوسنگ، احساس پروگرام سميت سمورن قدمن کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي.