اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد جي ڪورنگ نالي ۾ ٻوڏ وهڪري ۾ ڦاٿل چئن ننڍن ٻارن کي بچائڻ تي ريس??يو ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪ بحريه، اسلام آباد جي ضلعي انتظام??ا، پوليس ۽ ريس??يو 1122 جي عملي فرض شناسي جو عمده مثال قائم ??يو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چ??و ته طوفاني ٻوڏ وهڪري ۾ ريس??يو جي عملي جنهن بهادري، مهارت ۽ دليري جو مظاهرو ??يو آهي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چ??و ته شديد موسمي حالتن ۾ والدين پنهنجي ٻارن جي حفاظت جي حوالي سان ذميواري جو مظاهرو ڪن، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته ڪو حادثو نه ٿيو. وزيراعظم چ??و ته راولپنڊي سميت سڄي ملڪ جي ضلعي انتظام??ا، پوليس ۽ ريس??يو ٽيمون اسلام آباد ٽيم جي مثال جي پوئلڳي ڪن، هي واقعو سڀني جي لاءِ مثال آهي. هي واقعو سڀني جي لاءِ مثال آهي ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح ٽيم ورڪ، محنت ۽ بهادري سان ڪم ڪريون ته انشاءَ الله مشڪلاتن جي طوفاني وهڪرن مان سرخرو ٿي نڪرنداسين. هن چ??و ته طوفاني بر??ات?? ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ قومي ۽ انساني همدردي جي جذبي سان پنهنجي اهل وطنن جي مدد ڪريو.