اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هاڻي ڳالهين جو نه عمل جو وقت آهي، گوادر جي تعمير ۽ ترقي پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضامن آهي، بلوچستان جي تعمير ۽ ترقي ملڪ مان غربت ۽ بک جي خاتمي ۽ پائيدار امن جي بحالي لاءِ تمام ضروري آهي، گوادر سميت پوري بلوچستان کي ترقي جي سفر ۾ ٻين علائقن جي برابر ڪرڻ اسان سڀني جو قومي فرض آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان ۽ گوادر ۾ جاري مختلف ترقياتي منصوبن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي و??يراعظم چيو ته گوادر بندرگاهه پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ کانسواءِ دفاعي، سياسي ۽ معاشي لحاظ کان عالمي و??پار جي لاءِ انتهائي موزون ۽ اهم آهي، اسان کي ان بندرگاهه جي رستي ملڪ جي اترئين علائقن مان درآمدي سامان جي پهچ کي يقيني بڻائڻ آهي، ان مقصد جي لاءِ گوادر مان ملڪ جي اترئين علائقن تائين رستن ۽ ريلوي لائينن جي بهترين ۽ فعال نيٽ ورڪ جو هجڻ تمام ضروري آهي، اسان کي ڏينهن رات محنت سان ان ڏس ۾ ٿيندڙ مجرماڻي ڪوتاهين جو ازالو ڪرنو آهي ۽ اڳتي وڌڻو آهي. وزيراعظم برآمدي شعبي جي ترقي ۽ عوام خاص طور تي گوادر جي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا ??يدا ڪرڻ جي لاءِ گوادر ۾ چيني سيڙپڪاري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جي هدايتڪئي. هن ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري بلوچستان ۽ منصوبابندي و??ري سيڪريٽري کي چيني ڪمپنين جي وفد سان مشاورت سان خوراڪ، زراعت ۽ پيٽرو ڪيميڪلز ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ عمل جوڳو پلان تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس دوران وزيراعظم کي چيف سيڪريٽري بلوچستان، سامونڊي معاملن واري و??ارت جي سيڪريٽري، ريلوي و??ري سيڪريٽري، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) جي چيئرمين ۽ چائنا اوورسيز پورٽ هولڊنگ ڪمپني پاڪستان (سي او پي ايڇ سي) جي چيئرمين مختلف ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي (اين ايڇ اي) جي چيئرمين سي پيڪ جي اوڀر ۽ اولهندي روٽس جي ذريعي گوادر جي ملڪ جي اترئين علائقن تائين پهچ بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم واپاري سامان جي پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اين ايڇ اي، سامونڊي معاملن واري و??ارت ۽ منصوبابندي و??ري و??ارت کي عيد جي فوري پوءِ گڏيل جائزه رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سامونڊي معاملن واري و??ارت جي سيڪريٽري و??يراعظم کي ٻڌايو ته گوادر پورٽ تي بريڪ واٽر پراجيڪٽ (مراعاتي معاهدن) تحت تعمير ٿيڻو هو. ان جي لاءِ 445 ملين ڊا??ر جي گرانٽ ۽ 484 ملين ڊا??ر جو قرض چيني حڪومت فراهم ڪيو آهي پر اهو منصوبو تعطل جو شڪار رهيو آهي. وزيراعظم ان مجرماڻي غفلت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم معائنه ڪميشن جي چيئرمين کي هدايتڪ ئي ته هو ان پيشيواراڻي غفلت جي تحقيق ڪري هڪ هفتي ۾ ٺوس رپورٽ پيش ڪري. چائنا اوورسيز پورٽ هولڊنگ ڪمپني پاڪستان جي چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته 1.2 ملين گيلن ڏهاڙي صلاحيت رکندڙ پلانٽ پاڪستان جلد پهچندو ۽ هن سال جي آخر تائين پيداوار شروع ڪري ڇڏيندو. چيف سيڪريٽري بلوچستان گوادر جي لاءِ شمسي توانائي جي منصوبي تي و??يراعظم کي بريف ڪندي چيو ته گوادر ۽ شهر جي 35500 خاندانن مان 31000 آن گرڊ جڏهن ته 4500 خاندان آف گرڊ آهن. آن گرڊ خاندانن جي بجلي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڪوئيٽا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ڪيسڪو) ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي حصيداري سان بلڊ، آپريٽ اينڊ ٽرانسفر (بي او ٽي) بنيادن تي مني سولر پارڪ لڳايو پيو وڃي، جنهن جي لاءِ نيپرا پاور پرچيز ايگريمينٽ جاري ڪندو جڏهن ته آف گرڊ خاندانن جي لاءِ 1.8 ارب رپين جي لاڳت سان ڪي وي 3 واريون سولر هوم اسٽيشنز لڳايون پيون وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي سڄو عمل شفاف ٽينڊرنگ ذريعي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن هدايت ڪئي ته عوام جي سهولت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽن سالن جي لاءِ آفٽر سيل سروس جي فراهمي کي سولر سسٽم مهيا ڪندڙ ڪمپني جي ذميوارين ۾ شامل ڪيو وڃي. هن چيف سيڪريٽري بلوچستان، سامونڊي معاملن واري سيڪريٽري ۽ منصوبابندي و??ري سيڪريٽري کي ان حوالي سان ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيف سيڪريٽري بلوچستان کي مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ عملي جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ صوبي ۾ جاري سمورن ترقياتي ڪمن جي ميپنگ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن گهرو وزير ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حصيداري سان ٺوس سيڪيورٽي پلان جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي ڇو ته معاشي ترقي جو خواب پرامن ماحول پيدا ڪرڻ کانسواءِ شرمنده تعبير نه ٿو ٿي سگهي. ريلوي و??ري سيڪريٽري و??يراعظم کي گوادر ۽ ملڪ جي ٻين شهرن جي وچ ۾ رابطي بابت آگاهه ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ غيرموجود ريلوي ٽريڪ وڇائڻ بابت اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ان کي موثر بڻائڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي و??ري وفاقي و??ير مفتاح اسماعيل، سامونڊي معاملن واري و??ير سيد فيصل سبزواري، توانائي و??ري و??ير انجنيئر خرم دستگير، ريلوي ۽ هوابازي و??ري وفاقي و??ير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.