اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ تازي ٻوڏ ۽ برساتن سبب هيستائين 3 ڪروڙ 30 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ايتري وڏي انگ ۾ متاثرين کي کاڌي پيتي جي شين، دوائ?? ۽ ??يمن جي فراهمي هڪ تمام وڏو چئلينج آهي، گهرن، ملڪيت?? ۽ ??نفراسٽرڪچر کي ٿيندڙ نقصانن جو شروعاتي ڪاٿو اربين رپين ۾ آهي، عالمي مالياتي ادار?? ۽ ??نظيمن پاران تعاون تي سندس ٿورا مڃون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ رهندڙ مختلف ملڪن جي سفيرن سان ملڪي ٻوڏ صورتحال تي هنگامي ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ گذريل 30 سالن جون رڪارڊ برساتون ٿيون، 13 جون کانپوءِ کان هيستائين ٻوڏ ??يل?? ۾ 900 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا، 1300 کان وڌيڪ مانهو زخمي ۽ اٽڪل 8 لک چوپايو مال ٻوڏ جي ور چڙهي ويو، گهرن، ملڪيت?? ۽ ??نفراسٽرڪچر کي ٿيندڙ نقصان جو شروعاتي ڪاٿو اربين رپيا لڳايو ويو آهي، مجموعي طور تي هيستائين ٻوڏ متاثرين جو انگ 3 ڪروڙ 30 لک آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي ۾ متاثر ٿيندڙ ملڪن جي فهرست ۾ اٺين نمبر تي آهي جڏهن ته پاڪستان جو ڪاربن گئسن جي خارج ٿيڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. هن چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي فوري ريسڪيو جي لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي، متاثرين ۾ فوري طور تي فلڊ ??يل??ف ڪيش پروگر??م تحت 25 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪيا پيا وڃن، متاثرين کي کاڌي پيتي جي شي?? ۽ ??يمن جي فراهمي جي لاءِ سموريُون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ايتري وڏي انگ ۾ متاثرين کي کاڌي پيتي جي شين، دوائن، خيمن جي فراهمي هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته انفراسٽرڪچر جي تباهي متاثرين تائين امداد پهچائڻ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي، پاڪستان پنهنجي معاشي مشڪلاتن جي باوجود ٻوڏ متاثرين جي ترجيحي بنيادن تي امداد کي يقيني بڻائي رهيو آهي، عالمي مالياتي ادار?? ۽ ??نظيمن پاران تعاون جي لاءِ ٿورائتا آهيون. هن چيو ته هن قدرتي آفت ۾ سڄي دنيا جي ملڪن کي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد جي لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته متاثرين کي خيمن، مڇردانين، کاڌي پيتي جي شين، دوائن جي فراهمي جي لاءِ دوست ملڪ?? ۽ ??المي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. ملاقات ۾ آسٽ??يل??ا، چين، جاپان، ڪويت، ڏکڻ ڪوريا، ترڪيءَ، گڏيل عرب امارات، آمريڪا، جرمني، بحرين، يورپي يونين، فرانس، اومان، قطر، برطانيا ۽ سعودي عرب جا سفير موجود هئا. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن کي اين ڊي ايم اي پاران تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان?? ۽ ??ڪومت جي ريسڪيو ۽ ??يل??ف ڪاررواين جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن و??ري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت پاران حڪومت جي فوري ريسڪيو ۽ ??يل??ف قدمن ۽ گذريل ڏينهن ڊونرز ڪانفرنس جي حوالي سان پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران ٻوڏ متاثر علائقن ۽ متاثرين جي وڊيو پڻ ڏيکاري وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن حڪومت جي ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ??يل??ف جي قدمن کي ساراهيو ۽ مختلف ملڪن جي سفيرن و??يراعظم کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون شروع ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو.