اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو زهريلي گئسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر موسمياتي ??بديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ بي گهر ٿي چڪا آهن، اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ ??ال??ي سهڪار، يڪجهتي ۽ مدد گهربل هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪئناڊا جي ??ال??ي ترقي واري وزير هرجيت سنگهه سجن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم اهڙي مشڪل وقت ۾ جڏهن پاڪستان کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جا اثر درپيش آهن، پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي ??ندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم کيس ٻڌايو ته ٻوڏ سان 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت، 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر، 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ فصلون تباهه جڏهن ته 800000 چوپايو مال مري چڪو آهي جنهن سان ماڻهو روزگار شديد متاثر ٿيو آهي ۽ نقصان اربين ڊالر تائين پهچي چڪو آهي. وزيراعظم ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ يڪجهتي ۽ امداد تي ڪئناڊا کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته ??ال??ي سطح تي گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر پاڪستان موسمياتي ??بديلي جي اثرن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي ۽ تازين موسمياتي ??بديلين ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ان جو ثبوت آهي. ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ حڪومت جي قدمن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي جي لاءِ به مسلسل ??ال??ي حمايت، يڪجهتي ۽ مدد جي ضرورت هوندي. وزيراعظم عورتن کي معاشي طور تي ??ااختيار بڻائڻ، پائيدار اقتصادي ترقي ۽ صحت جي شعبن بابت منصوبن ۾ معاونت تي ڪئناڊا جي حڪومت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بهتر تعمير جي حڪمت عملي تي ??مل ڪندو، پاڪستان کي موسمياتي ??بديلين جي اثرن جو مقابلو ڪندڙ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير جي لاءِ ماهرن ۽ فني امداد جي ضرورت هوندي ته جيئن مستقبل ۾ قدرتي ??فتن جي تباهي آڻيندڙ اثرن کان بچي سگهجي. ڪئناڊا جي وزير هرجيت سنگهه سجن ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪئناڊا جي حڪومت ٻوڏ ۽ موسمياتي ??بديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪندي.