اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان حوثين پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي جي مذمت ڪندي سعودي عرب سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي خلاف ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين جي مذمت ڪري ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي سان گڏوگڏ يمن ۾ پرامن حل جي ل??ءِ سعودي عرب جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو. پاڪستان يمن ۾ تڪرار جي سمورين ڌرين تي مسلسل زور ڏنو آهي ته اهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي ل??ڳاپيل قراردادن موجب ڇڪتاڻ جي خاتمي جي ل??ءِ پرامن ۽ بامعنيٰ ڳالهين ۾ حصو وٺن. ترجمان چيو ته هلندڙ سال جي شروع ۾ طئي ٿيندڙ جنگبندي جي نتيجي ۾ امن قائم ڪيو جنهن جو فائدو ٿيو جيتوڻيڪ اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته حوثين پاران جنگبندي جي ??جد??د نه ڪئي وئي، جيڪا يمن جي عام شهرين جي ل??ءِ مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجندو ۽ امڪاني طور تي پائيدار امن کي حاصل ڪرڻ جي سڀني ڪوششن کي پٽڙي تان لاهي ڇڏيندو. ترجم??ن پنهنجي بيان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر حوثين تي زور ڏنو ته اهي عسڪري سرگرمين ۽ دهشتگرد ڪارروايون بند ڪن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي ل??ڳاپيل قراردادن جي بنياد تي تڪرار کي ختم ڪرڻ جي ل??ءِ سنجيده ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ٿي گڏيل قومن جي ثالثي ۾ ٿيندڙ جنگبندي جي ??جد??د ڪن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته جنگ جو ڪو به مقصد نه آهي ۽ سڀني مسئلن تي پرامن ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو. ترجمان چيو ته ان رستي کي جلد اختيار ڪرڻ سان هزارين معصوم جانيون بچي وينديون ۽ يمني عوام جي مستقبل جي به حفاظت ٿيندي.