اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاليسين جي تسلسل کي پائيدار اقتصادي ترقي، صنعتڪاري جي فروغ ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري کي ??اغب ڪرڻ جي لاءِ ضروري ق??ار ڏيندي چيو آهي ته واپاري برادري پاران ٽيڪس جمع ڪرائڻ جي عمل ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ??تم ڪرڻ سان گڏوگڏ واپاري برادري کي ??هولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي شڪايتن ۽ مسئلن کي ??تم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آئي) جي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙن ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ گروپ ليڊر آر سي سي آئي سهيل الطاف، صدر آر سي سي آئي ثاقب رفيق، وفاقي ٽيڪ?? محتسب ڊاڪٽر آصف محمود باجوه ۽ ايف بي آر جي نمائندن ۽ واپاري برادري جي ميمبرن شرڪت ڪئي. تقريب کي ??طاب ڪندي صدر معيشت جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ڪاروباري عمل کي ٽيڪس وصولي کي وڌائڻ، ٽيڪس ڪلچر کي فروغ ڏي?? ۽ معيشت ۾ شفافيت جي لاءِ ضروري ق??ار ڏنو. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس سان جي ڊي پي جو گهٽ تناسب ان جي قيام کانپوءِ کان ئي وڏ?? مسئلو رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪس نظام کي ??سان بڻائي ۽ ٽيڪس جي نظام ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ??تم ڪري ٽيڪس ڪلچر کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. هن واپارين کي وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪرڻ، جمع ٿيل ٽيڪس کي ??نصاف ۽ ديانتداري سان خرچ ڪرڻ، ڪرپشن ۽ چوري کي گهٽ ڪرڻ ۽ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته پاڪستان جي معيشت ڪيترن ئي اندروني ۽ ٻاهرئين عملن جي ڪري دٻاءُ جو شڪار آهي، سمورين ڌرين کي موجوده صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ ذميواري سان ڪم ڪرڻ ۽ ان مقصد کي ??اصل ڪرڻ جي لاءِ اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آيه. هن 20 ملين کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي ??عليم فراهم ڪرڻ کانسواءِ نوجوانن جي مهارت جي فروغ تي ڌيان ڏي?? ۽ تعليم ۽ صنعت جي وچ ۾ حصيداري ق??ئم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اها رياست ۽ معاشري جي گڏيل ذميواري آهي ته اهي پنهنجي آبادي جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن جي سارسنڀال ڪن. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي تعليمي شعبي ۾ هيٺاهين آئي آهي، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي داخلا کي وڌائڻ کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ تعليمي معيار کي ??هتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته اها عورتن کي ڪم واري جڳهه تي محفوظ ۽ دوستاڻو ماحول فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪاروبار ۽ صنعت ۾ انهن جي حصيداري کي وڌائين. هن عورتن ۽ معذور ماڻهن کي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان رڳو زباني ڳالهيون ڪرڻ بدران بنيادي معيار قائم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته معذور ماڻهن کي معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي. ان کان اڳ صدر ريٽيل، مينوفيڪچرنگ، فارماسيوٽيڪل، ٽريول، ڪنسٽرڪشن، اسٽيل، پولٽري ۽ درآمدي شعبي سميت مختلف شعبن ۾ بزنس ڪميونٽي جي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙن ۾ آر سي سي آئي ايوارڊز ورهايا.