اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم ۽ پ??ڪس??ان پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو جي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بينظير ڀٽو شه??د پنهنجي نالي وانگر بينظير هئي، هن مُشڪل حالتن ۾ به هڪ بهادر ڌيءَ، ماءُ، گهرواريءَ ۽ ڀيڻ جا رشتا وڏي خوبي ۽ جرئت سان نڀايا، بينظير ڀٽو سياست ۾ تدبر، بهادري ۽ جدوجهد جو روشن مثال آهي، هوءَ آخري ساهه تائين وفاق جي زنجير بڻجي پ??ڪس??ان جي اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سرپيڪار رهي. بينظير ڀٽو جي شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته بينظير ڀٽو عورت سياسي ڪارڪنن جي لاءِ هڪ تحريڪ جو درجو رکندي هئي جنهن سدائين آمريت کي للڪاريو. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو ذاتي زندگي ۾ به ڏک برداشت ڪيا پر مشڪلاتن ان جي سياسي ۽ جمهوري جدوجهد کي وڌيڪ طاقتور بڻائينديون ويون. آئين، پارليامينٽ، جمهوريت، عوامي حقن ۽ سماجي بهتري جي لاءِ بينظير ڀٽو شه??د جي جدوجهد سدائين ياد رکي ويندي، سندس شهادت پ??ڪس??ان جو تمام وڏو نقصان هو جنهن کي قوم ڪڏهن وساري نه سگهندي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته اڄ جي ڏينهن تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن ”پ??ڪس??ان کپ??“ ??و نعرو هڻي پ??ڪس??ان جي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط بڻايو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه ڀٽو سميت سمورن گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شه??د بينظير ڀٽو کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل ڏي.