اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪي ٿري جي شمول??ت سان جوهري بجلي گهر مان ب??لي جي پيداوار 3600 ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي، مقامي ذريعن سان ب??لي جي پيداوار سان ٻارڻ جي درآمد، ٽيرف ۾ گهٽتائي ۽ عام ماڻهو کي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن گذريل ڏينهن پاڪستان جي ستين جوهري گهر ۽ ڪراچي ۾ ٺاهيل ??ئين جوهري گهر جو افتتاح ڪيو. ڪي ٿري جي شمول??ت سان جوهري بجلي پيدا ڪرڻ جي ڪل صلاحيت 3600 ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي. ڪي ٿري منصوبي سان مجموعي طور تي 1100 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت بجلي پيدا ڪرڻ جي مقامي ذريعن جهڙوڪ پن ب??لي، ڪوئلي ۽ شمسي توانائي جي ترقي تي ڌيان ڏيندي توانائي جي ذريعن کي سگهارو بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته مقامي طور تي پيدا ٿيندڙ بجلي سان ٻارڻ جي درآمد کي گهٽ ڪرڻ، ٽيرف کي گهٽ ڪرڻ ۽ اهڙي طرح عام ماڻهو کي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.