اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??مران صاحب کي يقين آهي ته ??ن جا حامي ذهني معذور آهن، عمران خان جو اقتدار ۾ اچڻ ئي رول آف لاء جي خلاف ورزي هئي، عمران خان جو حڪومت ج?? دور رول آف لاء نه، رول آف جنگل هو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي خطاب تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ ڏينهن گار، اڳئي?? ڏينهن معافي اها عمران خان جي سياست آهي، ڀلي اها عدالت هجي، ڀلي اهو آمريڪا هجي، ڀلي اهي ادارا هجن. هن چيو ته ??مران خان جهڙي فارن ايجنٽ، چور، ڪوڙي، ٻهروپئي ۽ مني لانڊرر کان آزادي حاصل ڪري ملڪ آزاد ٿيندا آهن. هن چيو ته ??مران صاحب اهڙيون ڳالهيون ڪري پنهنجي ووٽرز جي توهين ڪري ٿو، ڇا توهان رول آف لاء جو سهارو وٺي اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، گورنر ۽ صدر کان آئين شڪني ڪرائي هئي؟