اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد افغانستان جي گادي واري ش??ر ڪابل جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادر اخوند، دفاع واري وزير مولوي محمد يعقوب مجاهد، گهرو وزير سراج الدين حقاني ۽ پرڏيهي وزير امير خان متقي سميت عبوري افغان حڪومت جي سينيئر قيادت سان ملاقات ڪئي. ترجمان موجب خطي ۾ دهشتگردي خاص طور تي ٽي ٽي پي ۽ آءِ ايس ڪي پي پاران وڌندڙ خطري بابت معاملا بحث هيٺ آي??. ڌ??ين مختلف ادارن ۽ تنظيمن پاران دهشتگردي جي خطري کي موثر طريقي سان منهن ڏ??ڻ جي لاءِ تع??ون تي اتفاق ڪيو. بيان موجب ڌرين ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تع??ون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.