اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ فوج جي شه??د حوالدار اظهر اقبال ۽ نائيڪ محمد اسد کي ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج جي شه??د اهلڪارن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شه??دن جي خاندانن کي پنهنجي پيارن جي قرباني ڏيڻ تي سلام پ??ش ڪيو. صدر حوالدار اظهر اقبال جي والد ۽ نائيڪ محمد اسد جي ڀاءُ سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. حوالدار اظهر اقبال ۽ نائيڪ محمد اسد 20 مارچ تي ڊيره اسماعيل خان ۾ حم??ي ۾ شه??د ٿيا هئا. هن شه??دن کي ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شه??دن جي خاندانن کي پنهنجي پيارن جي قرباني ڏيڻ تي سلام پ??ش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شه??دن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.