اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ دستياب سيڙپڪاري جي موقعن ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته آ??ِ ٽي سيڪٽر جي ترقي ملڪ جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي، غيرملڪي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ان اهم شعبي ۾ سيڙپڪاري سميت ترقي جي بي پناهه امڪانن م??ن فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني ڪمپني اي??ي وي انوويشن ٽيڪنالاجي ڪمپني لميٽيڊ جي هڪ وف?? سان ڳاله??ئي??دي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وف?? جي قيادت ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جو هانيو ڪري رهيو هو. صدر چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي ڪاروباري ادارن جي لاءِ 10 سال جي ٽيڪس ڇوٽ سميت مختلف مراعتن جي آڇ ڪري ٿي ۽ چيني آ??ِ ٽي ڪمپنين کي انهن موقعن م??ن فائدو کڻڻ گهرجي. چيني وف?? جي سربراهه صدر کي مختلف آ??ِ ٽي خدمتن ۽ صنعتي حل فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجي ڪمپني جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته اي??ي وي سمارٽ ٽرانسپورٽيشن، سمارٽ لاجسٽڪس ۽ ٻين شعبن جي لاءِ ٺوس حل ۽ پيشيواراڻي سافٽ ويئر ڊيولپمينٽ فراهم ڪري ٿي. هن ٻڌايو ته ان جي ڪمپني پاڪستان جي ريلوي جي لاءِ اي – ٽڪيٽنگ سسٽم تيار ڪيو آهي جنهن سان اداري جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي.